لوئر اسٽاف يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

hyd lower sataff

لوئر اسٽاف يونين پاران مطالبن جي  مڃتا لاءِ حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، يونين اڳواڻن 22مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ 22 فيبروريءَ تي   ڪراچيءَ ۾  وزير اعليٰ هائوس اڳيان  ڌرڻو هڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

لوئر اسٽاف يونين جي سڏ تي ملازمن   مرڪزي صدر وزير ڪيريو، احسان علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اولڊ بلدنگ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ريڊيو پاڪستان وٽ  ڌ رڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

هنن مطابو ڪيو ته سنڌ جي لوئر اسٽاف ملازمن کي ٽائيم اسڪيل،  اپ گريڊيشن، سن ڪوٽا، پرو موشنز ۽ رهائشي الائونس ڏنو وڃي.

هنن اعلان ڪيو ته مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ پوري صوبي ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سندن چوڻ هو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ
سڀاڻي ڄامشورو، 3 فيبروريءَ تي   مٽياري 4 فيبروريءَ تي  دادو ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.

هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سندن احتجاج جي تي ڌيان نه ڏنو ته  22 فيبروريءَ تي   ڪراچيءَ ۾  وزير اعليٰ هائوس اڳيان  ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*