هنڱورجا ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ فنڪشنل ليگ پاران احتجاجي مظاهروڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

hingorja

هنڱورجا ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ فنڪشنل ليگ پاران احتجاجي مظاهروڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن محمد علي ڏاهري، سڪندر ڏاهري، ناظم ڏاهري، در محمد شنباڻي، اصغر پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪري 12هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هڪ مهينو گذرڻ باجود فنڪشنل ليگ جي ڪارڪن فياض ڏاهري کي بازياب نه ڪرايو ويو آهي.

هنن چيو ته نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته سندس امڙ کي بي هوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته فياض ڏاهري کي بازياب ڪرائي وارثن مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*