سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

tharushah

سيٺارجا ۾ ڳوٺاڻن پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتين ۽ پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ حاجي عبدالستار ڦل جي رهواسين خادم ملاح، سعيد ملاح، لقمان ملاح، شعبان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار هادي بخش ملاح ۽ محراب ملاح گهرن تي چڙهائيون ڪري سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس اهلڪارن گذريل ڏينهن نائين ڪلاس جي  شاگرد ڪليم الله ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جنهن کي بعد ۾ 20 هزار روپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو ويو.

هنن چيو ته پوليس اهلڪارن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پيروسڻ ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*