وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي چڙيا گهر جي مرمت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Murad-Ali-Shah-Order-Zoo-2217

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي چڙيا گهر جي مرمت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه چڙيا گهر جي بهتري لاءِ سنگاپور جي ماهرن کان مدد وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي چڙيا گهر جي مرمت ۽ بهتري بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي چڙيا گهر جي مرمت ڪرڻ، جانورن جي نشونما جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي چڙيا گهر کي سنگاپور جي طرز جهڙو چڙياگهر بڻايو وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي سنگاپور جي ماهرن کان به مدد ورتي وڃي.

گذريل ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سان گڏ ڪراچي چڙيا گهر جو دورو ڪيو هو.

سڄاڻ ڌرين وڏي وزير پاران ڪراچي چڙياگهر جي حالت بهتر ڪرڻ واري عمل کي هڪ بهتر قدم قرار ڏيندي سالن کان اجڙيل حيدرآباد راڻي باغ ڏانهن به ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*