اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ارنچا گونزالي ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون

Nawaz-sharif-23816

اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ارنچا گونزالي ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون، نواز شريف چيو ته پاڪستان عالمي واپاري تنطيمن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران نواز شريف چيو ته حڪومت عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ان ڪري عالمي واپار ۾ عورتن جي شمولت کي وڌائي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ترقي ڪرڻ سان گڏ ملڪي معيشت به مضبوط ٿي رهي آهي.

انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ارنچا گونزالي چيو ته پاڪستان پاران توانائي بحران تي قابو پائڻ لاءِ کنيل قدم تعريف لائق آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*