ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪاررواين دوران5 جوابدار گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن

Rangers-2217

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي  ڪاررواين دوران5 جوابدار گرفتار ڪري سندن قبضي مان  هٿيار  هٿ ڪيا ويا آهن .

ڪراچي جي گلشن چورنگي ويجهو فائرنگ سبب  هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

پوليس موجب  هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ شخص زخمي ٿي پيوآهي جنهن جي سڃاڻپ62 سالن محبوب علي جي نالي سان ٿي آهي.

ڪراچي جي  بفرزون  وري علائقي ۾  مبينا پوليس ۾ مقابلي دوران هڪ جوابدار زخمي حالت  ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي  تيموريه  واري علائقي ۾  مبينا پوليس مقابلو دوران هڪ  جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضِي مان هٿيارا هٿ ڪيا ويا آهن.

موڇڪو واري علائقي جي شيخ پاڙِ ي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جي  نيو ڪراچي سيڪٽر 7 اي ۾ دڪان تي قانون لاڳو ڪندڙن اداري ڇاپو هڻي سياسي پارٽي جو هڪ ڪارڪن گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم سميت مختلف  وارداتن ۾ ملوث آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*