آمريڪي صدر ٽرمپ انتظاميه جي حڪم نامي دنيا ۾ غلط تاثر پيدا ڪيو آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

Ch-Nisar-24816

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ انتظاميه جي حڪم نامي دنيا ۾ غلط تاثر پيدا ڪيو آهي، هر ڏاڙهي واري مرد ۽ نقاب واري عورت کي دهشتگرد نه سمجهيو وڃي.

اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته سڪيورٽي جو اهو مطلب ناهي ته سرحدون بند ڪيون وڃن.

هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ  لاءِ ڀرپور لچڪ جو مظاهرو ڪيو آهي.

چوڌري نثار چيو ته سياست کي سڪيورٽي سان نه ڳنڍيو وڃي، خطي ۾ سياست ۽ سڪيورٽي کي ملائڻ جو رجهان آهي.

گهرو وزير چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته آزادي واري تحريڪ کي دهشتگردي سان نه ڳنڍيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*