ٽنڊو ڄام ۾ ڪنر آئل فيلڊ جي ملازمن جو ڌرڻو جاري آهي

TandoJam-Oil-Protest-Worker-2217

ٽنڊو ڄام ۾ ڪنر آئل فيلڊ جي ملازمن جو ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته او جي ڊي سي ايل ۽ پوليس جي مدعيت ۾ ملازمن خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 21 معلوم ۽ 50 نامعلوم ماڻهن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ هنگامي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٽنڊو ڄام جي ڪنر آئل فيلڊ تي ملازمن جو ڌرڻو جاري آهي، جنهن ڪري ڪنر آئل فيلڊ مان تيل جي سپلاءِ معطل ٿي وئي آهي.

اڄ صبح جو پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ به ڪئي پر تنهن باوجود ملازمن جو احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، جنهن کي ڳوٺاڻن جي تائيد به شامل ٿي وئي آهي.

پوليس ڪنر آئل فيلڊ تي ڌرڻي جا ٻه ڪيس به داخل ڪيا آهن، جن ۾ 21 معلوم ۽ 50 نامعلوم ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*