پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ رٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ عمران خان سميت ڪيترن ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرز کي دعوت ڏني ويندي

PCB-12-4-16

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ رٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ عمران خان سميت ڪيترن ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرز کي دعوت ڏني ويندي.

سياستدانن جون ته ڪيتريون ئي گول ميز ڪانفرنس ٿينديون رهنديون آهي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽرز جي گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرز سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ چيئرمين شهريارخان ايندڙ مهيني مارچ جي 6۽7تاريخ تي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪئي آهي،جنهن ۾ اڳوڻا ڪرڪيٽرز ۽ موجوده رانديگرن کي دعوت ڏني ويندي.

چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ڊائريڪٽر مدثر نذر گول ميز ڪانفرنس جا چيئر ڪندا،جڏهن ته مشتاق احمد ڪواڊينٽر هوندو.

گول ميز ڪانفرنس لاءِ اڳوڻي ڪپتان عمران خان، يونس خان، وقاريونس، وسيم اڪرم،ظهير عباس، وسيم باري،شعيب اختر، عامر سهيل، جاويد ميانداد، راشد لطيف ، معين خان، رميز راجه، عبدلقادر،عاقب جاويد، اقبال قاسم، بازيد خان، سعيد اجمل ۽ ٻين ڪرڪيٽرز کي دعوت ڏني ويندي.

گول ميز ڪانفرنس جو مقصد ٽيم جي ڪارڪردگي۾ بهتري، ڊومسٽڪ اسٽريڪچر،وڪيٽن جي معيار ۾ بهتري،نيشنل ۽ جونيئر ٽيمن جي ڪوچنگ ۽ غير ملڪي ٽيمن کي پاڪستان جي دوري بابت تجويزون ڏنيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*