پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جڏهن پاڪستان ۾ منعقد ٿيندي ته اها دنيا جي سڀ کان وڏي ليگ ثابت ٿيندي

Aqib-Javed-2217

پاڪستان ڪرڪيٽ جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جڏهن پاڪستان ۾ منعقد ٿيندي ته اها دنيا جي سڀ کان وڏي ليگ ثابت ٿيندي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندر جي ٽيم جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو ته پي ايس ايل جي ٻين ايڊيشن ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي.

هن وڌيڪ چيوته دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پي ايس ايل گهڻي دير بعد منعقد ٿي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ راند کي بهتر ڪرڻ ۾ ليگ جو هاڻي اهم ڪردار آهي ۽ پي ايس ايل ان حُوالي سان اهم ليگ ثابت ٿي.

هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ جي پهرين ايڊيشن ۾ لاهور قلندر جي ٽيم سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪري سگهي پر هو گهڻو پراميد آهي ته ٻئي ايڊيشن ۾ ٽيم بهتر انداز سان نظر ايندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته هن ڀيرو لاهور قلندر جي ٽيم ڪيترن نوجوان رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*