ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلسل گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميرين سان ظلم ڪري رهيو آهي، نفيس ذڪريا

nafees-zakria

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا بريفنگ ڏيندي آهي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلسل گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميرين سان ظلم ڪري رهيو آهي، حافظ سعيد جي نظربندي وارو فيصلو رياست جو آهي، ان لاءِ ڀارتي رد عمل ضروري ناهي.

اسلام آباد ۾ هفتي وار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته گذريل هفتي ڀارتي فوج فائرنگ ڪري 40 ڪشميرين کي زخمي ڪرڻ سان گڏ 14 ڄڻن کي گرفتار  ڪيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ پرڏيهين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏنا پيا وڃن، ان معاملي جو عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير جي آبادي کي سازش تحت هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اهڙي عمل جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو.

هن چيو ته نارووال بارڊر تان 3 پاڪستاني ٻارڙن غلطي سان سرحد پار ڪئي، جن کي ڀارتي فوج حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ٻارن جي واپسي لاءِ پاڪستاني حڪومت ڀارت سان رابطو ڪيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*