اسلام آباد ۾ اشاري تي گاڏي نه بيهاريندڙ نوجوان تي پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

Islamabad-Map

اسلام آباد ۾ اشاري تي گاڏي نه بيهاريندڙ نوجوان تي پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، ساڻس گڏ سوار ناري محفوظ رهي، فائرنگ ڪندڙ اهلڪار خلاف نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو.

سيڪٽر آءِ ٽين ۾ ناڪي تي بيهڻ تي پوليس اهلڪارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ مردان واسي نوجوان تيمور مارجي ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ موجود ناري محفوظ رهي.

آءِ سيڪٽر ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سبب مارجي ويل نوجوان جو ڪيس سبزي منڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

ناري شروعاتي بيان ۾ چيو آهي ته روڊ تان گذرڻ دوران پوليس اشارو نه ڪيو، ناڪي کان ڪراس ڪرڻ تي اهلڪارن فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جو ڪيس سبزي منڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*