امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پناهگيرن خلاف پاليسين تي زندگي جي هر شعبي ۽ مڪتبه فڪر جا ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن

usa trump

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پناهگيرن خلاف پاليسين تي زندگي جي هر شعبي ۽ مڪتبه فڪر جا ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، هالي ووڊ اسٽار اينجلينا جولي صدر ٽرمپ جي پناهگيرن بابت پاليسي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ٽرمپ باهه سان کيڏي رهيو آهي.

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اداڪاره اينجلينا جولي نيويارڪ ٽائمز  ۾ راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مذهب جي بنياد تي متڀيندي رويا باهه سان کيڏڻ برابر آهي.

آسڪر ايوارڊ  يافته اداڪاره جو چوڻ هو ته پناهگير ٻارڙن جي پناهه جي درخواستن کي ٻڌڻ گهرجي ۽ فيصلا خوف بدران حقيقتن جي بنياد تي ڪرڻ گهرجن، اسان شهرين جي ملڪن ۾ داخلا تي پابندي لڳائڻ کانسواءِ به سلامتي کي يقيني بڻائي سگهون ٿا.

پناهگير ٻارن کي هنج وٺندڙ 6 ٻارن جي ماءُ اينجلينا جولي جو چوڻ هو ته مسلمانن سان متڀيدي ورتاءُ ملڪ کي محفوظ نه بڻائيندو ويتر ان سان انتهاپسندي کي هٿي ملندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*