وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ اڳوڻي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان جي گهر وڃي سندس گهر ڀاتين تعزيت ڪئي

pm azarbijan

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ اڳوڻي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان جي گهر وڃي سندس گهر ڀاتين تعزيت ڪئي، وزير اعظم چيو آهي ته جسٽس سعيد الزمان آخري گهڙي تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو.

وزير اعظم نواز شريف اڳوڻي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد جي پٽ ۽ سندس ٻين مائٽن سان تعزيت ڪئي، جنهن دوران گورنر محمد زبير، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻِيا اڳواڻ موجود هئا.

وزير اعظم جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن هميشه قانون جي بالادستي ۽ انصاف فراهمي لاءِ ڪم ڪيو، سندس خدمتن کي وساري نٿو سگهجي.

وزير اعظم چيو  ته جسٽس سعيد الزمان آخري گهڙي تائين ذميواريون نڀائيندو رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*