لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي فيسڪو چيف مقرري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي جواب طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، وفاقي حڪومت کي فيسڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي 6 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ فيسڪو جي چيف ايگزڪيوٽو جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته حڪومت رڳو سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪري رهي آهي، ڀرتين ۾ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.

درخواست گذار موجب، بورڊ آف ڊائريڪٽر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدن تي نااهل ماڻهن کي مقرر ڪيو پيو وڃي، فيسڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري به سياسي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي.

عدالت، پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن اهڙي عهدن تي سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون وينديون ته پوءِ بجلي بحران ڪيئن ختم ٿيندو؟.

لاهور هاءِ ڪورٽ، حڪومت،پاڻي ۽ بجلي واري وزارت سميت لاڳاپيل ڌرين کان 6 فيبروري تائين جواب طلب ڪندي حڪومت کي فيسڪو جي چيف ايگزڪيوٽو جي مقرري کان روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*