قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ٿيندڙ فيصلن کي قانوني تحفظ ڏيارڻ وارو بل 2016 اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو

National-Assembly-3217

قومي اسيمبلي ۾ پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ٿيندڙ فيصلن کي قانوني تحفظ ڏيارڻ وارو بل 2016 اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، بل موجب پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ٿيندڙ فيصلن وارو بل رڳو وفاق جي انتظام هيٺ علائقن تائين هوندو.

قانون واري وزير زاهد حامد پنچائت ۽ جرڳن ذريعي ٿيندڙ فيصلن کي قانوني تحفظ ڏيارڻ وارو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو،جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته پنچائت ۽ جرڳا ڪوٺائڻ لاءِ ڌرين جو راضپو ضروري هوندو، سول ۽ ضمانت جوڳا فوجداري تڪرارن جو فيصلو جرڳن ذريعي ٿي سگهندو.

قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته بل منظور ڪرائڻ جو مقصد عدالتن مان ڪيسن جو بار گهٽ ڪرڻ آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس ايندڙسومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*