امريڪا جي پاپ بينڊ ايگلز آف ڊيٿ ميٽل جي پيرس ڪنسرٽ دوران دهشتگرد حملي کانپوءِ بينڊ جي ٻيهر واپسي بابت ٺاهيل ڊاڪيومينٽري جو لاس اينجلس ۾ پريميئر ٿيو

film france shotting

امريڪا جي پاپ بينڊ ايگلز آف ڊيٿ ميٽل جي پيرس ڪنسرٽ دوران دهشتگرد حملي کانپوءِ بينڊ جي ٻيهر واپسي بابت ٺاهيل ڊاڪيومينٽري جو لاس اينجلس ۾ پريميئر ٿيو، جنهن دوران فنڪار واقعي کي ساريندي ڏکارا ٿي ويا.

ايگلز آف ڊيٿ ميٽل 13 نومبر تي پيرس جي بيٽڪلان هال ۾ ڪنسرٽ  ڪري رهيو هو ته دهشتگردن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن ۾ 89 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

واقعي ۽ ان کانپوءِ ايگلز آف ڊيٿ ميٽل بينڊ جي ٻيهر پيرس پهچڻ واري جذبي بابت ڊاڪيومينٽر “ايگلز آف ڊيٿ ميٽل: اَوَرَ فرينڊز” جو ڊائريڪٽر ڪولن هينڪس آهي، جيڪو هالي ووڊ اسٽار ٽام هينڪس جو پٽ آهي.

لاس اينجلس ۾ پريميئر جي موقعي تي  ڳالهائيندي بينڊ جي فنڪار جيسي هيوز جو چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ پيرس واپسي ڏکوئيندڙ هئي پر هو پنهنجي مداحن تائين وڃڻ چاهين پيا ته جيئن جيڪو ڪنسرٽ اڌ ۾ رهجي ويو هو ان کي پورو ڪن.

جوش هوم جو چوڻ هو ته فرانس ٻيهر وڃڻ ناممڪن نه هو، ڪجهه مداح ڪنسرٽ ۾ نه اچي سگهيا پر  وڏي انگ جي موجودگي اهم هئي.

“ايگلز آف ڊيٿ ميٽل: اَوَرَ فرينڊز” 13 فيبروري تي ايڇ بي او تي رليز ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*