وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي

chodhari nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

چوڌري نثار جي وڪيل مخدوم علي 64 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو، جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا سانحي جي حوالي سان ڪميشن گهرو وزارت کي ذميوار قرار ڏنو هو.

 جواب ۾ چيو ته چوڌري نثار جي سربراهي ۾ گهرو وزارت دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

چوڌري نثار پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا سانحي ڪميشن آبزرويشن ۾ گهرو وزارت بابت حقيقتون سامهون نه رکيون آهن.

 جواب ۾ چيو ويو ته گهرو وزارت کي اعتراض داخل ڪرائڻ لاءِ رپورٽ سان گڏ لاڳاپيل رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو آهي.

داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪوئيٽا واقعو هڪ قومي سانحو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

 گهرو وزير جواب ۾ چيو ته پوري ملڪ ۾ سڀئي سڪيورٽي ادارا ذميواري سان ڪم ڪري رهيا آهن.

سپريم ڪورٽ 6 آڪٽوبر 2016 تي ڪوئيٽا سانحي بابت ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*