گهرن ۽ زمين تي قبضي خلاف صوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ جان محمد ابڙو جي رهواسين پاران محرابپور ۾ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mehrab pur

گهرن ۽ زمين تي قبضي خلاف صوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ جان محمد ابڙو جي رهواسين پاران محرابپور ۾ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 پيرسن قمرالدين ابڙو ۽ ٻين ڳوٺاڻن ٺري روڊ تي احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو.

 سندن چوڻ هو ته شهاب الدين، اصغر ۽ مرتضي ابڙو هٿياربندن سان گڏجي  صوڀوديرو تعلقي جي ڳوٺ جان محمد ابڙو ۾ سندن گهر ۾ داخل ٿي عورتن ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هٿيارن جي زور تي زمين ۽ گهر مان بي دخل ڪري ڇڏيو.

 هنن چيو ته جوابدار مٿن  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ۽ ڌمڪائي کين حراسان ڪري رهيا آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته  ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين انصاف فراهم  ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*