راڻي پور ٽول پلازه وٽ بيٺل ٽرڪ کي پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور فوت ٿي ويو

rani pur road hadso

راڻي پور ٽول پلازه وٽ  بيٺل ٽرڪ کي پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪرلڳڻ جي نتيجي ۾ ٽرالر  ڊرائيور فوت   ٿي ويو.

قومي شاهراهه تي ٽول پلازه وٽ  بيٺل ٽرڪ سان پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور 30 جو محمد شڪيل آرائين سخت زخمي ٿي پيو،جيڪو ڪيترائي ڪلاڪ حادثي واري جاءِ تي ٽرالر ۾ ڦاٿل رهيو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي موٽر وي پوليس ۽ مقامي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهتي.

واقعي واري هنڌ  موجود ماڻهن زخمي ڊرائيور کي ڪڍڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي ٽرالر دٻجي وڃڻ سبب هو کيس ٻاهر ڪڍي نه سگھيا ڊرائيور ٽرالر ۾ ئي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

پوليس ڪافي دير بعد فوتي جو لاش ٽرالر مان ڪڍي راڻي پور اسپتال آندو جتان ضروري ڪاورائي ٿيڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڊرائيور مانسهرا جو رهواسي هيو۽ ٽرالر تي پنجاب کان ڪراچي طرف وڃي رهيو هيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*