سکر مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو

سکر مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو، پوليس موجب ڌاڙيلن دٻاءُ ۾ اچي نوجوان کي آزاد ڪيو آهي.

سکر  باءِ پاس تان 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل ميڊيڪل ريپ محمد حسين پٺاڻ کي هٿيار بند ڪشمور ويجهو ڇڏي ويا، جتان هو پنهنجي گهر پهچي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن جي ڪجهه عورتن ۽ واسطيدار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد دٻاءُ ۾ اچي جوابدارن نوجوان کي آزاد ڪيو آهي.

ذريعن موجب مغوي جي بازيابي کانپوءِ پوليس ڌاڙيلن جي عورتن کي آزاد ڪيو آهي، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ شڪي اڃان تائين پوليس جي حراست ۾ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*