پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪينسر کان بچاءُ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪينسر کان بچاءُ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾سالياني 71 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪينسر هٿان زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا، جڏهن ته پاڪستان ۾ سالياني ڏيڍ لک ماڻهو هِن موذي مرض جو شڪار ٿين ٿا.
موذي مرض ڪينسر جي جلد نشاندهي نه ٿئي ته موت يقيني بڻجي وڃي ٿو، ڪراچي سميت ملڪ ۾ ڪينسر جو شڪار 80 سيڪڙو ماڻهو وات جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن، جنهن جو سبب پان، گٽڪو ۽ ٻين نشي آور شين جو استعمال آهي.
ڪراچي ۾ قائم پاڪستان اٽامڪ ميڊيڪل سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد علي چوي ٿو ته اڪثر ماڻهو آخري اسٽيج تي علاج جو فيصلو ڪن ٿا.
هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ ڪينسر سبب سالياني 10 هزار ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا، جڏهن ته مريض شروعاتي علامتون ظاهر ٿيڻ باوجود مرض کي نظرانداز ڪن ٿا.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪينسر جي مرض جي روڪٿام لاءِ ملڪ ۾ پان، گٽڪي ۽ سوپاري جي وڪري تي فوري طور تي پابندي لڳائي وڃي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته صحتمند غذا، صاف ماحول ۽ ورزش سان نه رڳو ڪينسر کان بچاءُ ممڪن آهي پر ٻين بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو……..