جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان ٽينڪر اونرز ايسوسيئشن جو چوٿين ڏينهن به سنڌ-بلوچستان قومي شاهراهه تي ڌرڻو جاري آهي

jacobabad

جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان ٽينڪر اونرز ايسوسيئشن جو چوٿين ڏينهن به سنڌ-بلوچستان قومي شاهراهه تي ڌرڻو جاري آهي، پوليس سان چڪرين ۾ پوليس جي فائرنگ دوران 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آل پاڪستان ٽينڪر اونرز ايسوسيئيشن جو چوٿين ڏينهن به سنڌ-بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي ڌرڻو جاري آهي.

ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته مزدا کي روڪڻ تان پوليس سان ڊرائيورن جي منهن ماري ٿي، جنهن تي پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٽينڪر ڊرائيورن جو چوڻ  آهي ته بلوچستان کان ايندڙ ٽينڪرن ۽ ٽرڪن کي بيهاري سڪيورٽي اهلڪار ڊيزل ڪڍي وڃن ٿا، جيڪو نٿو ڏئي ته ان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو.

ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته جيستائين پوليس جون زيادتيون ختم نه ٿينديون، تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*