ڪراچي جي عدالت ريجنٽ پلازه ۾ باهه واري ڪيس جو 18 فيبروري تائين ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

regent plaza khi

ڪراچي جي عدالت ريجنٽ پلازه ۾ باهه واري ڪيس جو 18 فيبروري تائين ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هوٽل مالڪ سميت ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي، واقعي ۾ ٽن ڊي ايڇ اوز سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ريجنٽ پلازه هوٽل ۾ باهه لڳڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر پيش ٿي ضمني چالان جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت گهري.

عدالت جاچ آفيسر کي 18 فيبروري تائين ضمني چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ نامزد 5 ئي جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

جوابدارن ۾ هوٽل مالڪ زبير الدين، مظفر بويجا، سعد، ارشد جاويد ۽ پرويز سليم شامل آهن.

ريجنٽ پلازه هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڊي ايڇ او ٿرپارڪر، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*