ڏهرڪي ويجهو ڪنوار نه ملڻ تي احتجاج ڪندڙ گهوٽ جي پوليس به نه ٻُڌي، داد لغاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او

dharki dhola

ڏهرڪي ويجهو ڪنوار نه ملڻ تي احتجاج ڪندڙ گهوٽ جي پوليس به نه ٻُڌي، داد لغاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او، اين سي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، متاثر چيو آهي ته انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪائڻ وارو آپشن وٽس موجود آهي.

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ مرزا پور جي رهواسي بلاول لغاري جو 15 سال اڳ نڪاح ٿيو، گذريل ڏينهن رخصتي لاءِ ڄڃ وٺي جڏهن ڪنواريتي ڌُر وٽ پهتو ته کيس سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

ڪنواريتن جي انڪار ڪرڻ تي بلاول لغاري ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪيو، سندس چوڻ هو ته کانئس ڏاج لاءِ تازو 44 هزار به ورتا ويا پر جڏهن سڱ گهرڻ وياسين ته کانئس بدلي ۾ ٻي ڀيڻ جو سڱ به گهريو ويو، انڪار ڪرڻ تي هنن کيس به 15 سال اڳي ڏيڻو ڪيل سڱ نه ڏنو.

هن صحافين کي ٻڌايو ته سندس نڪاح 15 سال اڳ پڙهيل آهي، اڄ رڳو رخصتي ٿيڻي هئي ته ساڻس ناجائز ڦڏو ڪيو ويو آهي.

متاثر گهوٽ داد لغاري ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ ويو ته اتي به کيس جواب ڏئي واپس ڪيو ويو، بلاول لغاري چيو آهي ته پوليس سندس مدد نه ڪئي ته هو عدالت جو در کڙڪائيندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*