وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ جمنازيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ جمنازيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير ڪراچي ڪنگز جي ٽيم سان ملاقات ڪري نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻين صوبن ۽ وفاق ۾ صلاحڪار توڙي مشير ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ سان به اهڙو ئي رويو رکيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه نارٿ ناظم آباد پهچي نئين تيار ڪيل جمنازيم جو افتتاح ڪيو، جنهن بعد گرائونڊ جو معائنو ڪيو ۽ انتظاميا کان بريفنگ ورتي.

عارف حبيب وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نيو ناظم آباد ۾ شروعاتي طور تي 500 ايڪڙ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ کانپوءِ فوٽبال ۽ هاڪي گرائونڊز جو به منصوبو آهي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پراڻو انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي کي ڏسي نئين سر منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته وفاق ۽ ٻين صوبن جا صلاحڪار ۽ خاص معاون آهن پر ساڻن به وفاق ۽ ٻين صوبن جهڙو رويو رکيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته صلاحڪارن ۽ خاص معاونن کي هٽائڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن پر اسين ڪم ڪري ڏيکارينداسين.

وڏي وزير چيو ته هن سال سنڌ گيمز به ڪرايون وينديون، ملير، اسٽيل ٽائون ۽ ٻين علائقن کي به ترقي ڏياري ويندي، ايندڙ سال جو ترقياتي پلان به هاڻي کان ئي ترتيب ڏنو پيو وڃي.

وڏي وزير ڪراچي ڪنگز جي ٽيم سان ملاقات به ڪئي ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*