اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جي 17 ميمبرن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

Election-Karachi-28716

 اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلي جي 17 ميمبرن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا، ڪميشن موجب نصرت سحر عباسي،سورٺ ٿيٻو، بلقيس مختيار، ريحانه لغاري، فرحت سيمي، شهناز بيگم ۽ ٻين جي ميمبرشپ اڃاتائين معطل آهي، ان جي باوجود اجلاسن ۾ شرڪت ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.

اليڪشن ڪميشن چيو ته قانون موجب معطل ٿيل ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾شرڪت ڪري نٿو سگهي.

ڪميشن موجب پنجاب اسيمبلي جي ٻن ميمبرن به اڃاتائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته3 مهينا گذرڻ باوجود ڄاڻايل ميمبرن اثاثن جا تفصيل ڪميشن وٽ جمع نه ڪرايا آهن.

اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي معطل ٿيل ميمبرن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*