ڪنگري مان فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راشد شاهه خيرپور ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي

Sukkur-2-12

ڪنگري مان فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر راشد شاهه خيرپور ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ منظور ڪيو ويو آهي.

ايم پي اي راشد شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڄاڻي واڻي اهي تڪ نظر انداز ڪري رهي آهي، جن تي اپوزيشن جا نمائندا ڪامياب ٿيل آهن.

هن چيو ته ڪنگري تعلقي سميت خيرپور ضلعي جي انهن سمورن تڪن تي ترقياتي ڪم زيرو آهن، جتي فنڪشنل ليگ جا اميدوار ڪامياب ٿيل آهن.

هن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سياسي بنيادن تي سندس تڪ جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

عدالت سندس درخواست کي سومر واري ڏينهن ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*