صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته آدمشماري جو مرحلو ويجهو پهچي ويو آهي

manzorr wasan

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته آدمشماري جو مرحلو ويجهو پهچي ويو آهي پر تنهن هوندي به نادرا لکين ماڻهن جا ڪارڊ اڃان تائين جاري نه ڪيا آهن، نادرا کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو پنهنجو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، انصاف پلئه پوي ته جرڳا سسٽم بهتر آهي.

ڪوٽڙي ۽ مٽياري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته سال 2017 پاڪستان جي سياست لاءِ اهم سال آهي، هن سال ۾ڪيتريون ئي اهم تبديليون اچڻيون آهن.

هن چيو ته سي پيڪ منصوبي مان پنجاب کي توڙي جو وڏو فائدو آهي پر سنڌ به نقصان ۾ نه آهي.

منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي کان حيدرآباد تائين ٺاهيل روڊ  موٽروي نه پر سپر هاءِ وي لڳي رهيو آهي، عوام کان ٻيڻ تي ٽيڪس وصول ڪرڻ زيادتي آهي.

هن چيو ته جرڳا سسٽم مان ماڻهن کي انصاف ملي ته اهو چڱو سسٽم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ منظور وساڻ چيو ته پاناما ليڪس اشو اڃان گھڻا راز فاش ڪندو.

هن چيو ته آدمشاري وارو ماملو اهم آهي، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ ٻئي مرحلي ۾سنڌ جي ٻين  شهرن ۾ آدمشماري ڪرائي ويندي، ان لاءِ نادرا کي گھرجي ته رهيل شناختي ڪارڊ تڪڙا جاري ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته نادرا کي گهرجي ته آدمشماري کان اڳ رهيل سمورا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، جرڳا سسٽم جيڪڏهن انصاف ڏئي سگهي ته اهو سسٽم بهتر آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*