وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 2010 جي ٻوڏ ۽ 2011 جي برساتن سنڌ ۾ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 2010 جي ٻوڏ ۽ 2011 جي برساتن سنڌ ۾ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو، صوبي ۾ گڊ گورننس جو اهڙو مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن کي ايندڙ وڏو وزير به تبديل نه ڪري سگهي.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سي پي اين اي جي وفد سان ملاقات دوران وڏي وزير چيو ته اسان کي ميڊيا کان هميشه شڪايت رهي آهي پر منهنجي سپورٽ ۽ حوصله افزائي تي مان ميڊيا جو شڪر گذار آهيان.

سي پي اين اي جي وفد وڏي وزير جي ڪم ۽ سندس سهڪار جي تعريف ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير چيو ته  2010جي  ٻوڏ ۽ 2011 جي برساتن سنڌ ۾ انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن کي ٻيهر ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

وڏي وزير چيو ته هو گڊ گورننس جو اهڙو مثال قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن کي ايندڙ وڏو وزير به تبديل نه ڪري سگهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*