سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري موٽر وي تي غير قانوني ٽيڪس جي وصولي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير چيو ته ٽول پلازه تي وڌيڪ گيٽ لڳايا وڃن ته جيئن ٽريفڪ جام جو مسئلو حل ٿي سگهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم نواز شريف سان فون تي رابطو ڪري موٽر وي تي غير قانوني ٽيڪس جي وصولي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته موٽر وي جي تعمير دوران ٿيندڙ حادثن جو به ازالو ڪيو وڃي.
وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وزير اعظم وڏي وزير کي خاطري ڪراچي ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪيو ويندو، جڏهن ته وڏي وزير، وزير اعظم کي آگاهي ڏني ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي منصوبي تي سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ڪم شروع ٿيندو.