سنڌ پوليس ٿاڻن ۾ ريسيپشن سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

mushtaq maher ig

سنڌ پوليس ٿاڻن ۾ ريسيپشن سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ منشيات جا عادي ڏوهاري به شامل آهي، تمام جلد ڏوهن ۾ واضح گهٽتائي اچي ويندي.

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر چيو ته منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته موبائل مارڪيٽس ۾ چوري جي موبائلن جي وڪري خلاف به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، گرفتار ٿيندڙ دڪاندارن جي قانوني مدد ڪئي ويندي.

ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر چيو ته ٿاڻن ۾ ريسپشن سينٽر قائم ڪيا ويندا، تمام جلد اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واضح گهٽتائي نظر ايندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*