سنڌ جي گورنر محمد زبير سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪري ملڪ ۽ صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن

Muhammad-Zubaid-MQM-Meet-4217

سنڌ جي گورنر محمد زبير سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪري ملڪ ۽ صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن، گورنر چيو ته،هو سڀني ڌرين سان گڏجي سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ گورنر محمد زبير سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪري ملڪ ۽ صوبي جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن.

وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، خواجه اظهار الحسن ۽ فيصل سبزواري شامل هئا.

ايم ڪيو ايم وفد سنڌ جي گورنر کي ڪراچي جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندي کيس مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.

گورنر چيو ته، سندس دروازا سمورين پارٽين لاءِ کليل آهن ۽ هو سڀني ڌرين سان گڏجي سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿو.

گورنر جو چوڻ هو ته، صوبي ۾جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاحون ڪندس،سنڌ ۾ ڪنهن مقابلو ڪرڻ نه پر صوبي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آيو آهيان.

گورنر محمد زبير چيو ته،سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ جي آزادي ۽ موقعو حاصل هجڻ گهرجي،ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي هتي ٿيندڙ ڪا به سرگرمي ملڪي معيشت تي اثرانداز ٿئي ٿي.

هن چيو ته،سمورين سياسي پارٽين کي ملي صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*