بلوچستان ۾ برساتن ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي آهي

Nushki-Weather-4217

بلوچستان ۾ برساتن ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي آهي. نوشڪي ويجهو ڍاڪ واري علائقي ۾ گاڏين سوڌو ڦاسي پيل ڄاڃين کي بچائڻ  ايف سي جي پهرين پيدل پارٽي متاثري تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. نوشڪي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته برساتن ۽ برفباري سبب مختلف رستا بند ٿيڻ سبب ڍاڪ واري علائقي ۾ گاڏين سوڌو هڪ ڄڃ ڦاسي پئي، سخت ٿڌ وگهي هڪ ٻار فوت ۽ 6 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.

Nushki-2-Balochistan-4217

اطلاع ملڻ تي امدادي ڪارروائين لاءِ ٽيمون علائقي ڏانهن اماڻيون ويون. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايف سي جون وڌيڪ 4 پيدل ٽيمون به متاثرين تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. موسم خراب هئڻ سبب هيليڪاپٽر اڏام ڀري نه ٿا سگهن، جڏهن ته دلدلي علائقو هئڻ سبب امدادي ٽيمن کي متاثرين تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

نوشڪي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايف سي جي پهرين پيدل پارٽي متاثرين تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جنهن متاثرين ۾ ڪمبل ۽ ٻيو سامان ورهايو آهي. ايف سي پاران پهرين مرحلي ۾ ڄاڃي ٻارڙن ۽ عورتن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*