وزيراعظم نواز شريف سعودي بادشاهه شاهه عبدالله جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ سعودي روانو ٿي ويو

وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، سعودي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ  سعودي روانا ٿي ويا آهن، وزيراعظم پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن سوڳ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، قومي جهنڊو نـِويل رهندو.

 سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز اڄ ٽيپهري کانپوءِ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ادا ڪئي ويندي.

جنازي نماز ۾ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ شرڪت ڪندا، وزيراعظم نواز شريف به پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان گڏ جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن وزيراعظم هائوس جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف، سعودي بادشاهه جي لاڏاڻي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، سوڳ جي موقعي تي قومي جهنڊو  نِويل رهندو.

صدر ممنون حسين، الطاف حسين سميت آمريڪي صدر براڪ اوبامه، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون ۽ ٻين عالمي اڳواڻن پڻ سعودي بادشاهه جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته فلسطيني صدر محمود عباس ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*