راولپنڊي پوليس بارود سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

راولپنڊي ۾ پوليس دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس بارودي سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

راولپنڊي جي ٽيڪسلا واري علائقي ۾ جـِي ٽـِي روڊ تي پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ گاڏي تي ڇاپو هنيو، جنهن مان وڏي انگ ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.

پوليس، گاڏي ۾ موجود ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي مان هٿ آيل بارودي ذريعي تخريبڪاري لاءِ استعمال ڪرڻ جو خطرو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*