عمران خان پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي احسن اقبال

ترقياتي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته لاهور جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اها ڌانڌلي نه پر بد انتظامي ٿي سگهي ٿي،  تحريڪ انصاف سان معاملا طئي ٿي ويا ته 24 ڪلاڪن اندر جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻ  لاءِ جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته حڪومت تيار ناهي، ڪپتان اليڪشن ڪميشن جي اسٽاف جي ڪردار تي ڪميشن چاهي ته هـُو تيار آهن.

هن چيو ته اسپيڪر اياز صادق جي تڪ تي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان ڪري بدانتظامي چئي سگهجي ٿو پر پي ٽي آءِ بدانتظامي کي ڌانڌلي ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ممڪن ناهي.

احسن اقبال چيو ته ووٽن جي ڳڻپ واري فائيل تي ٺپو نه هئڻ بدانتظامي ٿي سگهي ٿي پر عمران خان ان کي به ڌانڌلي جو نالو ڏئي رهيو آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جون شڪايتون مئسلن کان وڌيڪ آهن، ڏسڻ گهرجي ته سڀ کان وڌيڪ جعلي ووٽ عمران خان جا ئي نڪتا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال جو چوڻ هو ته عدالتي ڪميشن لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ سان معاملا طئي ٿي ويا ته 24 ڪلاڪن اندر ڪميشن قائم ڪري سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*