نوابشاهه ۾ جوائنٽ نرسز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي نرسن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو
نوابشاهه ۾ جوائنٽ نرسز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي نرسن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
نرسن عائشه ظفر، زهيره ۽ ممتاز راهو جي اڳواڻيءَ ۾ نرسنگ هاسٽل سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ نرسن جو چوڻ هو ته ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشن سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪري سندن پگهارون ٻين صوبن جي نرسنگ اسٽاف برابر ڪيو وڃن.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته في الحال روزانو 2 ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪئي وڃي ٿي پر جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي سنڌ جون نرسون ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هڻنديون…..