فنڪشنل ليگ، پارٽي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ايم پي اي ڄام مدد علي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي

Election-Karachi-28716

فنڪشنل ليگ، پارٽي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ايم پي اي ڄام مدد علي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾  فنڪشنل ليگ جي پارلياماني اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات ڪندي چيو آهي ته 46 ڏينهن گذرڻ باوجود ڄام مدد علي اڃا تائين ايم پي اي شپ تان استعيفا نه ڏني آهي.

نند ڪمار گوڪلاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات ڪري کائنس ڄام مدد جي استعفيٰ بابت ڄاڻ ورتي.

اسپيڪر سان ملاقات بعد نند ڪمار گوڪلاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 46 ڏينهن اڳ پ پ ۾ شامل ٿيل ڄام مدد علي اڃا تائين ايم پي اي شپ تان استعيفيٰ نه ڏني آهي ۽ ڄام مدد علي جي فلور ڪراسنگ خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويندو.

ڄام مدد علي 22 ڊسمبر تي فنڪشنل ليگ کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*