خيرپور ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل چيني ڪمپني جي ملازم جي بازيابي لاءِ ميتلا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

khirpur

خيرپور ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل چيني ڪمپني جي ملازم جي بازيابي لاءِ ميتلا برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميتلا برادري جي ماڻهن محمد نواز ميتلو، شاهد علي، راجا نظير، ظهير ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته چيني ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ رجب علي ميتلو گهر ايندي ڪرم آباد وٽان پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي پيو.

هنن چيو ته کين خدشو آهي ته رجب کي اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اطلاع باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.

هنن مطالبو ڪيو ته پراسرار نموني گم ٿي ويل کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*