ٺارو شاهه ويجهو مدي خارج تيل واپرائڻ سبب هڪ ئي گهر جي ٻن معصوم ٻارڙن سميت چار ڀاتي بيهوش ٿي ويا

THARU SHAH

ٺارو شاهه ويجهو مدي خارج تيل واپرائڻ سبب هڪ ئي گهر جي ٻن معصوم ٻارڙن سميت چار ڀاتي بيهوش ٿي ويا، پوليس مدي خارج تيل هٿ ڪري دڪاندار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ شاهنواز ڏهراج ۾ غير معياري ۽ مدي خارج تيل واپرائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي 5 ورهين جو رحمان، 3 ورهين جو سوهانو، 40 ورهين جو سڪندر ۽ 60 ورهين جو محمد حسن ڏهراج بيهوش ٿي ويا.

بيهوش ٿيلن کي تعلقه اسپتال ٺارو شاهه منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

ٺاروشاهه پوليس دڪان تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ مدي خارج تيل هٿ ڪري دڪاندار راڻا محمد انور راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*