دبئي کان ڪراچي پهتل ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد کي ايئرپورٽ تان ايس ايس پي ملير رائو انوار گرفتار ڪري ورتو

saleem shehzad mqmq

دبئي کان ڪراچي پهتل ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ سليم شهزاد کي ايئرپورٽ تان ايس ايس پي ملير رائو انوار گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، متحده پاڪستان چيو  آهي ته سليم شهزاد وطن واپسي بابت اسان سان ڪا به مشاورت نه ڪئي هئي ۽ نه وري کيس پارٽي ۾ شامل ڪرڻ وارو معاملو غور هيٺ هو.

ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سينيئر اڳواڻ سليم شهزاد چئن سالن جي پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري ڪراچي ايئرپورٽ پهتو، جتي اميگريشن اختيارين کيس روڪي ورتو، جڏهن ته ايف آءِ اي سندس پاسپورٽ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اميگريشن اختيارين سليم شهزاد جي آمد بابت پوليس کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد ايس ايس پي رائو انوار ايئر پورٽ پهچي سليم شهزاد کي گرفتار ڪيو.

سليم شهزاد کي گرفتار ڪرڻ بعد گڏاپ ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب سليم شهزاد خلاف چڙڏياريندڙ تقرير ۽ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ سميت 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جنهن کي سڀاڻي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويندو.

سليم شهزاد گرفتاري کان اڳ  ايئر پورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته هو ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيهه واپس آيو آهي، کيس عدالتن تي اعتماد آهي، عدالتن جي هر فيصلي کي قبول ڪيو ويندو .

سليم شهزاد وڌيڪ چيو ته هو ڪراچي جي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آيو آهي،  ايم ڪيو ايم جي مختلف ڌڙن ساڻس رابطو ڪيو آهي، هو ڪيڏانهن ويندو ان بابت هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندو.

متحده پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سليم شهزاد وطن واپسي بابت اسان سان ڪا به مشاورت نه ڪئي هئي ۽ نه وري کيس پارٽي ۾ شامل ڪرڻ وارو معاملو غور هيٺ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*