گهوٽڪي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن اسڪول ۾ داخل ٿي عملي ۽ استادن کي مارڪٽ ڪري فرار ٿي ويا استادن جو احتجاج

گهوٽڪي ڀرسان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ اڻڄاتل جوابدارن داخل ٿي عملي ۽ استادن کي مارڪٽ ڪئي، واقعي خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

سرحد شهر ۾ اڻڄاتل جوابدار گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿي عملي ۽ استادن کي مارڪٽ ڪئي، جنهن کانپوءِ فرار ٿي ويا.

واقعي خلاف اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي  شاهراهه تي ڌرڻو هنيو.

شاگردن جو چوڻ هو ته جوابدارن اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سڪيورٽي گارڊز کين روڪيو، جنهن بعد هنن گارڊز تي وحشياڻو تشدد ڪيو.

شاگردن ٻڌايو ته جوابدارن اسڪول اندر داخل ٿي استادن ۽ ٻئي عملي کي به تشدد جو نشانو بڻايو ۽  شاگردن کي حراسان ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي صحيح نموني جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسڪول کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*