نوازشريف کي ووٽ عوام ڏنو آهي ته وزيراعظم بابت فيصلو به ٻيو ڪير نه پر عوام ئي ڪندو

saad rafiq

نوازشريف کي ووٽ عوام ڏنو آهي ته وزيراعظم بابت فيصلو به ٻيو ڪير نه پر عوام ئي ڪندو: هريپور ۾ نون ليگ جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته عوام جي عدالت نوازشريف جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، وزيراعظم کي بدنامي جو داغ لڳائڻ لاءِ پاناما وارو معاملو عدالت ۾ کنيو ويو، عوام جمهوري نظام خلاف سموريون سازشون پوري طاقت سان ناڪام بڻائي ڇڏيندو.

 هريپور ۾ نواز جي  ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سعد رفيق وڌيڪ چيو ته، اسان سياسي اداڪار نه سياسي ڪارڪن آهيون، اسان جي قيادت کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته، هي ملڪ هٿياربند جدوجهد سان وجود ۾ نه آيو هو،ڪجهه جنوني ملڪ تي قبضو ڪرڻ آيا پر کين ڪجهه به پلئه پيو، انهن شاهراه دستور تي قبرون به کوٽيون،سرڪاري ادارن تي حملا به ڪيا، جنهن سبب ملڪ جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي ۽ انهن جي سياست جو مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ بدنام ڪرڻ آهي.

سعد رفيق چيو ته،  چيو وڃي ٿو ته، آف شور ڪمپنيون ڏوهه آهي پر جڏهن انهن جون آف شور ڪمپنيون  پڪڙيون ته خاموشي ٿي وئي، جتان اسان کٽيون ٿا چون ٿا ته ڌانڌلي ٿي آهي،اسان ادارن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته،چيو وڃي ٿو ته ادارن کي يرغمال ڪيو وڃي ٿو، هاڻي ائين  نه هلندو اسان چوڙيون ن پاتيون آهن.

هن چيو ته، ووٽ عوام ڏنو آهي ته، فيصلو به عوام ڪندو ۽ عوام نوازشريف سان گڏ آهي، اسان جي سياسي قيادت کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*