ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ٿيڻ تائين اسيمبلين ۾ نه وينداسين عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ٿيڻ تائين اسيمبلين ۾ نه وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪپتان چيو آهي ته حڪومت ڪمزور ڪميشن قائم ڪرڻ چاهي ٿي، افتخار چوڌري ڌانڌلين تي پردو وڌو.

سعودي عرب جي شهر جده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته کيس اميد هئي ته 2013 جون چونڊون سڀ کان وڌيڪ شفاف ٿينديون پر ان اليڪشن ۾ ڌانڌلين جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا، جنهن کي سموريون پارٽيون تسليم ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته حڪومت بي اختيار جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،   اهڙي ڪميشن کي قبول نه ڪيو ويندو.

عمران خان چيو ته افتخار چوڌري کانسواءِ ڪنهن به جج کيس مايوس ناهي ڪيو، افتخار چوڌري 2013 ۾ ٿيل ڌانڌلين تي پردو وڌو.

عمران خان چيو ته هـُو ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ٿيڻ تي اسيمبلين ۾ نه ويندا، جيڪڏهن حڪومت غير جانبدار ڪميشن قائم ڪري ته هـُو اسيمبلين ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڀارت سان پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ناهن، موجوده حڪومت نااهلي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ڀارت سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي رهيا آهن،      افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته نريندر مودي اڃا تائين اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*