عمران خان عمرو ادا ڪرڻ باوجود ڪوڙ ڳالهائڻ بند ناهي ڪيو پرويز رشيد

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان عمرو ادا ڪرڻ باوجود ڪوڙ ڳالهائڻ بند ناهي ڪيو،  شيرين مزاري چيو آهي ته پرويز رشيد پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان ڏيندو آهي، کيس سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته عمران خان عمري جي ادائيگي لاءِ ويل آهي، کيس عبادت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته عام چونڊن کي 70 هزار مبصرن شفاف قرار ڏنو، عمران خان به هاڻي تسليم ڪري ۽ خدا جي گهر ۾ سچ ڳالهائڻ جي دعا ڪري.

پرويز رشيد چيو ته عمران خان ڌانڌلين جي ڳالهه ته ڪري رهيو آهي پر جوڊيشل ڪميشن ۾ منظم ڌانڌلين جو لفظ ڇو شامل ناهي ڪري رهيو.؟

پرويز رشيد جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سياست جو الميو اهو آهي ته پرويز رشيد جهڙي ماڻهو وٽ اطلاعات واري وزارت آهي.

شيرين مزاري چيو ته پرويز رشيد، عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي نظر رکڻ بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي، پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ اطلاعات وارو وزير اهڙي زبان ڳالهائيندو رهندو آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته عمران خان جي عبادت الله پاڪ جي لاءِ آهي، پرويز رشيد لاءِ ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*