ملتان جي ايڊيشنل سيشن عدالت ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ سندس ڀاءُ جي ضمانت رد ڪندي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Qandell-Case-20816

ملتان جي ايڊيشنل سيشن عدالت ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ سندس ڀاءُ جي ضمانت رد ڪندي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ملتان جي ايڊيشنل سيشن جج سيد ضيغم عباس جي عدالت ۾ ماڊل قنديل بلوچ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پوليس ٻن جوابدارن وسيم ۽ حق نواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته ٻه جوابدار قنديل بلوچ جو ڀاءُ اسلم شاهين ۽ ظفر عرف ظفري عدالت ۾ پيش نه ٿيا.

عدالت جوابدار اسلم شاهين جي ضمانت رد ٿيڻ بعد پيش نه ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي جوابدار ظفر عرف ظفري کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.

عدالت بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*