ڪراچي ياترا تي پهتل تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان چيو آهي ته، پاناما ڪيس مان فارغ ٿيڻ بعد سمورو ڌيان سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن تي ڏيندس ۽ سنڌ ۾ حقيقي اپوزيشن ٺاهي ڏيکارينداسين

Imran-Kha-Karachi-7217

ڪراچي ياترا تي پهتل تحريڪ انصاف جي سربراه عمران خان چيو آهي ته، پاناما ڪيس مان فارغ ٿيڻ بعد سمورو ڌيان سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن تي ڏيندس ۽ سنڌ ۾ حقيقي اپوزيشن ٺاهي ڏيکارينداسين.

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هڪ نجي ڪمپني جي تقريب ۽ صفوران چورنگي وٽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ليڊر ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽  پاناما وارو مامرو جلد نبرڻ جي اميد آهي.

هن چيو ته، ڪراچي ۾ پاڻي آهي پر ڪرپشن ۽ پاڻي مافيه سبب شهرين کي پاڻي نه پيو ملي ۽ تحريڪ انصاف شهر ۾ پاڻي  ڏيارڻ ۽ گندگي خلاف احتجا ج ڪندي ۽ جلد ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

هن چيو ته، سنڌ ۾ ماڻهن سان هر سطح تي زيادتيون ٿي رهيون آهن، اسان جدوجهد ڪري ماڻهن کي حق ڏيارينداسين ۽ صوبي ۾حقيقي مخالف ڌر جو ڪرادار ادا ڪري ڏيکارينداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*