چارسده ۾ خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ جو اولهندو روٽ نه ٺاهيو ويو ته رٿا مان خيبر پختونخواهه کي ڪو به فائدو نه پهچندو

Asfand-Yar-Wali-Khan-ANP-7217

عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف سي پيڪ بابت خيبر پختونخواهه جي سياسي جماعتن سان ڪيل پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو ته کيس جدي ۾ به لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي.

چارسده ۾ خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ جو اولهندو روٽ نه ٺاهيو ويو ته رٿا مان خيبر پختونخواهه کي ڪو به فائدو نه پهچندو.

اي اين پي سربراهه چيو ته  فاٽا کي عام چونڊن کان اڳ خيبر پختونخواهه  ۾ ضم ڪيو وڃي، اي اين پي  ان مقصد لاءِ فاٽا جي پارليامينٽيرين پاران اعلان ڪيل ڌرڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي.

هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن خيبر پختونخواهه ۾ ڪرپشن ناهي ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته پئسا ڪاڏي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*