ڪراچي ۾ کير جي اگهن وارو تڪرار اڃا تائين نه نبيرجي سگهيو آهي، دڪانن تي کير 80 رپين بدران 84 رپيا في لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي

Karachi-Milk-7217

ڪراچي ۾ کير جي اگهن وارو تڪرار اڃا  تائين نه نبيرجي سگهيو آهي، دڪانن تي کير 80 رپين بدران 84 رپيا في لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ انتظاميا  مختلف ڊيري فارمز تي ڇاپا هڻي  8 ڊيري فارمرز تي هڪ لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز پاران کير جي اگهن ۾ پاڻمرادو  واڌ واري فيصلي کانپوءِ شهر ۾ کير 80 رپين بدران 84 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته انتظاميا کير سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي.

ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ انتظاميا  مختلف ڊيري فارمز تي ڇاپا هڻي  وڌيڪ اگهه وٺڻ تي 8  ڊيري فارمرز تي هڪ لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو آهي.

 ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن  انتظاميا جي اهڙي ڪارروائي خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*